داداڀائي گروپ آف ڪمپنيز

داداڀائي گروپ آف ڪمپنيز: صنعتڪاري ۽ تجارت ۾ وڏي شهرت رکندڙ ايم. ايڇ داداڀائي گروپ 1895ع کان قائم آهي ۽ اڄ هي گروپ ايشيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هن تجارتي سفر جو آغاز نوجوان علي محمد اي. لطيف ڪيو، جنهن جو تعلق ميمڻ ڪميونٽيءَ سان هو. هُن پهرين ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريڊنگ هائوس قائم ڪيو. بعد ۾ هندستان جي تاريخي علائقي پُوربندر ۾ صابڻ ٺاهڻ جي صنعت جو قيام سندن پهرين وِک هئي. ان کان پوءِ سمورو ڪاروبار سندس پٽ عبدالغني داداڀائيءَ سنڀاليو. برصغير جي ورهاڱي بعد جڏهن پاڪستان ۾ صنعتن جي قيام لاءِ محمد علي جناح تجارتي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ته داداڀائي انڊسٽري پڻ ڪراچيءَ منتقل ڪئي وئي. نوجوان تجارتڪار عبدالغني داداڀائيءَ وڏي محنت سان اڳتي هلي صنعتون قائم ڪيون ۽ پنهنجي پيداوار کي وڌايو. اهڙيءَ ريت ترقي ڪندي سيمنٽ جي صنعت، پيٽروليم مصنوعات جي صنعت، پلاسٽڪ جي صنعت، تعميراتي ٽيڪنالاجيءَ جي صنعت، ڪپڙي ۽ ڪاغذ جي صنعت، زرعي اوزارن جي صنـعـت سميـت داداڀائـي انـشـورنس ڪمپنيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ايم. ايڇ. داداڀائي گروپ جا هن وقت مُکيه ڀائيوار ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا ميمبر آهن: محمد حسين داداڀائي، محمد امين داداڀائي، فضل ڪريم داداڀائي، رضيه حسين داداڀائي، حميرا داداڀائي، ياسمين داداڀائي ۽ ثنا داداڀائي. پاڪستان ۾ صنعتن جي پکيڙ ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ هن تجارتي گروپ جو تمام وڏو هٿ آهي.
سنڌ ۾ داداڀائي گروپ طرفان تعليم جي پکيڙ ۽ صحت جي سُڌارن لاءِ بـه گهـڻو ڪـم ٿيـو آهـي. 1982ع کان داداڀائي فائونڊيشن تحت داداڀائي انسٽيٽيوٽ آف هاير ايجيوڪيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هي غير منافعي بخش ادارو آهي، جيڪو ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ سماجي توڙي ثقافتي ترقيءَ لاءِ اعليٰ تعليم يافته ٽيم جي مدد سان سرگرم آهي. مستقبل ۾ هن اداري جي 250 ايڪڙ ايراضيءَ ۽ 5 کان 8 هزار شاگردن جي گنجائش ۽ سهوليتن کي آڏو رکي، ڪراچيءَ ۾ ڪئمپس قائم ڪرڻ جو منصوبو اڏاوت هيٺ آهي. مستقبل ۾ هن انسٽيٽيوٽ ۾ اپلائيڊ سائنسز ۽ تحقيق جي نون رخن تي پروگرام متعارف ڪرائي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي سطح جي تعليم جو رٿا جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ داداڀائي گروپ طرفان سنڌ جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون پڻ قائم ڪيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو